Noorulquran Foundation
31 subscribers
144 photos
8 videos
3 files
126 links
*نورالقرآن فائونڈیشن اسلامی اور ثقافتی ادارہ*
جس میں بھت ساری معلومات اور خبرین تجزیہ حالات حاضرہ اور بھت کچھہ پلیز جوائن
@noorulquran
Download Telegram
#ايام_فاطميه

🔖 يعقوب بن جعفر چوي ٿوته:
امام موسي ڪاظم ع جي بارگاهه ۾ هيس ته هڪ نصراني شخص آيو ۽ امام کان سوال پڇڻ لڳو.
انهن سوالن مان هڪ سوال هي هو ته قرآن ڪريم جيڪو الله تعالي محمد (ص) تي نازل ڪيو آهي ان جي آيتن جون ٻه تفسيرون آهن هڪ ظاهري تفسير ٻي باطني، هن آيت «حم وَ الْكِتابِ الْمُبِينِ إِنَّا أَنْزَلْناهُ فِي لَيْلَةٍ مُبارَكَةٍ إِنَّا كُنَّا مُنْذِرِينَ فِيها يُفْرَقُ كُلُّ أَمْرٍ حَكِيمٍ‏» جي باطني تفسير ڇا آهي؟
امام ع جواب ۾ فرمايو:

”حم” کان مراد حضرت محمد صلي عليه وآله آهن.

”الکتاب المبين“ مان مراد امير المومنين ع آهن.

۽ «اللَّيْلَةُ الْمُبَارَكَةُ» (با برڪت رات) حضرت فاطــــــــــمه علیها سلام آهن.
ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
*تامل*

هن روايت ۾ ڪيترائي نڪتا و موجود آهن پر مناسب نڪتو هتي آهي ته:

ظاهرا *ليله المبارکه* مان مراد شب قدر ئي آهي پر روايتن ۾ آيو آهي ته شب قدر مان مراد حضرت زهرا سلام الله عليها آهن.

سوال هي آهي ته ڪهڙي دليل جي ڪري حضرت زهرا سلام الله عليها کي شب قدر سان تشبيه ڏني ويئي آهي؟

ڪجهه جواب ڪتاب «من فاطمه هستم» کان نقل ڪجن ٿا.

*1.* جهڙي طرح شب قدر جي حقيقي شناخت ماڻهن لاءِ ممڪن ڪونهي « و ما ادراک ما لیله القدر» ائين ئي حضرت زهرا س جي حقيقي مقام ۽ منزلت جي شناخت به ماڻهن لاءِ ممڪن ڪونهي
*« انما سمیت فاطمه، فاطمه لان الخلق فطموا عن معرفتها.* فاطمه جون نالو فاطمه ان ڪري رکيو ويو آهي جو خلائق انجي شناخت نه ڪري سگهيا»

*2.* شب قدر قرآن جي دليل سان هڪ مبارڪ شب آهي «انا انزناه فی لیلة مبارکة/ اسان قرآن کي مبارڪ رات ۾ نازل ڪيوسين.» ۽ حضرت زهرا سلام الله عليها جو وجود پڻ مبارڪ وجود آهي ان ڪري ئي سانئڻ جي تشبيه شب قدر سان ڏني ويئي آهي.

جاري آهي...

📘 تأويل الآيات الظاهرة في فضائل العترة الطاهرة ؛ ص555

t.me/noorulquran