Noorulquran Foundation
31 subscribers
144 photos
8 videos
3 files
126 links
*نورالقرآن فائونڈیشن اسلامی اور ثقافتی ادارہ*
جس میں بھت ساری معلومات اور خبرین تجزیہ حالات حاضرہ اور بھت کچھہ پلیز جوائن
@noorulquran
Download Telegram
🔹ابلیس به  عاشورا جي ڏينهن ڏک جو اظهار ڪيو


🔻آيت الله سيد محمد تقي جو والد نقل ٿو ڪري ته:

◾️عاشورا جي ڏينهن عصر جي وقت سن ۶۱ هجري، شيطان جي ٻچڙن ڏٺو ته شيطان روئي رهيو آهي.

انهن چيو ته: اوهان کي اڄ خوش ٿيڻ کپي اوهان ڇو پريشان آهيو ۽ ڇوٿا گريو ڪيو؟

چيائين: وڏي غلطي ٿي وئي جو انهي جماعت کي حسين جي قتل لاءِ وادار ڪيم.

انهن چيو اهو وري ڪئين اوهان نه پئي چاهيو اهي سڀ ظاهري مسلمان جهنم ۾ داخل ٿي؟

ابليس چيو: اهو ته ڪم ٿي ويو ته اها جماعت جهنم ۾ ضرور ويندي پر هڪ ڳالهه جي طرف غفلت ٿي ويئي، جو حسين جي قتل سان ماڻهن لاءِ هڪ رحمه الهي جو دروازو کلي ويو. هر ڪو حسين عليه السلام جي شفاعت مان بهره مند ٿيندو رهندو.


السلام علیک یا ابا عبدالله (ع) یا باب رحمه الله الواسعه


📕داستانهای روح صفحه ۱۲۷

🙏 التماس دعا 🙏
🌸امام صادق عليہ السّلام نے فرمایا:

▫️انَّ اللهَ عَزَّ وَ جَلَّ لَيَرْحَمُ الرَّجُلُ لِشِدَّةِ حُبِّه لِوَلَدِهِ.

بیشک پروردگار عالم اس شخص پر اپنی رحمت و عنايت عطا کرتا ہے جو اپنے بچوں سے زیادہ پیار و محبت کرتا ہے.

📚مكارم الاخلاق، ص 113

@noorulquran
*آيت الله محمد تقي بهجت چهلم امام حسين عليه السلام جي اهميت بابت فرماين ٿا:*

جڏهن امام زمان عج ظهور فرمائيندا ته دنيا وارن کي پنج آوازون بلند ڪندا:

🤚🏻 *اَلا یا اَهلَ العالَم اِنَّ جَدِی الحُسَین قَتَلُوهُ عَطشاناً، اَلا یا اَهلَ العالَم اِنَّ جَدِی الحُسَین سحقوه ‏عدوانا...*

امام زمانه عج ، امام حسين عليه السلام جو واسطو ڏئي سڄي دنيا جي اڳيان پنهنجي سڃاڻپ ڪرائيندا.

‏ان بنياد تي جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته امام زمانه عج جي دور ۾ دنيا جا سڀ ماڻهو، امام حسين عليه السلام کي چڱي ريت ڄاڻيندا هوندا....

پر هيئنر دنيا جا سڀ ماڻهو ‏امام حسين (ع) کي نٿا سڃاڻين، اها اسان جي ڪوتاهي آهي ڇو ته اسان امام حسين (ع) لاءِ اهڙي انداز ۾ فرياد ناهي ڪئي جيڪا ‏سڄي دنيا ۾ گونجي هجي.

چهلم امام حسين عليه السلام هڪ بهترين موقعو آهي جو اسان امام حسين (ع) تعارف سڄي دنيا ‌‏۾ ڪرائي سگهون.

جيتوڻيڪ زيارت شهيد شهداء طول تاريخ ۾ تمام گهڻي سختي سان انجام ڏني ويندي هئي ۽ زوارن جي جان ‏جوکم ۾ هوندي هئي. انهي جي باوجود عاشقانِ امام پنهنجي زندگي ڏيئي ڪري انهن خطرن کي خريد ڪندين *امام حسين ‌‏(ع)* جي روضي جي چائنٺ چمڻ لاءِ چهلم جي ڏينهن گڏ ٿيندا هئا. ‏

📝 مجاهد حسين مخلصي

T.me/noorulquran
Forwarded from عبد
*سؤال: ڇا اسان جو عقيدو ڪونهي ته امام حسين عليه السلام هاڻي بهشت ۾ آرامي ۽ آسائشي آهن جڏهن ته انهن جا قاتل جهنم ۾ خدائي عذاب ۾ مبتلا آهن. پوءِ هي ماتم ۽ روئڻ ڇا لاءِ آهي؟؟*

جواب: (استاد شهید مطهري جي زباني )
ڇو آئمه اطهار ايڏو اصرار ڪندا رهيا ته عزاي حسين عليه السلام زنده رهي؟

🔺 امام حسين عليه السلام پنهنجي قيام جي دليل ڪجهه هن ريت بيان ڪئي آهي:
ڇا توهان نٿا ڏسو ته حق تي عمل نٿو ٿئي ۽ باطل جي لاءِ روڪيو نٿو وڃي.؟!

اهڙي حالت ۾ الاهي احڪامن کي اجرا ڪراڻ ضروري آهن. امام حسين عليه السلام فرمائي ٿو ته:
مون امر بالمعروف لاءِ قيام ڪيو ڇاڪاڻ ته هن دين کي زنده ڪريان.
قيام ڪيو اٿم جئين فاسد سان جنگ ڪريان.
عزاي حسين بن علي ع کي زنده رکڻ جي علت اها آهي ته هيءَ قيام، مقدس قيام آهي. ڇوته امام علیہ السلام جي قيام هڪ مڪتب کي وجود ۾ آندو آهي امام چاهيو ته سندس مڪتب زنده رهي. پوري دنيا ۾ امام حسين عليه السلام جھڙو مڪتب ڪٿي به نه ملندوَ.
🔸جيڪڏهن اوهان کي مڪتب امام حسين عليه السلام جهڙو ڪوبه مڪتب ملي وڃي ته ان مهل اسان کي اچي چئو ته توهان هر سال مڪتب امام حسين عليه السلام کي ڇو زنده ڪندا آهيو؟

آهي ڪو جيڪو حسين بن علي عليه السلام وانگر عاشورا جي واقعي ۾اهڙن ڪارنامن کي انجام ڏئي مثال:
ايمان ڪامل، رضا ۽ تسليم، صبر ۽ شجاعت ثبات ۽ استقامت عزت ۽ ڪرامت نفس آزادي، اهي ڪارناما جيڪي انسان جي فڪر لاءِ هجن جيڪي انسان جي خدمت لاءِ هجن.

اسان کي اهڙو نمونو دنيا ۾ ڪٿي به ڏيکاريو، پوءِ اسان کي چئو ته ڇو توهان امام حسين عليه السلام جي مشن کي زنده رکيو آهي؟
(اهڙو ڪوبه مثال دنيا ۾ موجود ڪونهي) ان ڪري ئي روحِ حسين بن علي عليه السلام اسان جي رڳن ۾ روان آهي.

اسان ان ڪري هنجون ٿا هاريون جئين اسان جو روح ان راهه سان سلهاڙجي وڃي اها هڪ قسم جي ننڍڙي اڏام آهي جيڪا اسان جي روح کي روح حسيني سان ملائي ٿي.

🔸جيڪڏهن ان جي همت مان ۽ ان جي غيرت مان، ان جي آزادي مان، ان جي ايمان مان ذرو به اسان وٽ آهي يا ان جي توحيد مان، ۽ تقوي مان ڪا شيء آهي ته اهي اسان جي اکين جا ڳوڙها ئي آهن جن جي ڪا به قيمت ڪونهي.

🔸جيڪڏهن چيو وڃي اهي ڳوڙها مک جي پر جيترا هجن، يقين ڪيو!! تڏهن به ان جي وڏي اهميت آهي.

فقط اهي ڳوڙها نه جيڪي حسين عليه السلام جي مصيبتن تي نڪرن بلڪه اهي ڳوڙها ڀلي شخصيت حسين تي يا عظمت حسين تي به ڇونه واهيا وڃن.

اهي ڳوڙها جيڪي حسين ابن علي عليه السلام جي همدردي سان ان جي پيروي لاءِ هجن پوءِ کڻي اهي هڪ مک جي پر جيترا ئي ڇونه هجن اهي هڪ پوري دنيا جي اهميت رکن ٿا.

📝 سنڌيڪار: مجاهد حسين مخلصي

📚شهيد مطهري، حماسه حسيني، مجموعه آثار، ج 17، ڇاپو ٻيو، ناشر صدرا ، صفحو 32.
💠 رهبر انقلاب اسلامي سيد علي خامنه ايؒ:

🔸 ڪجهه ماڻهو آهن جيڪي مڪروه ڪم کي ته ترڪ ڪندا پر حرام ڪم کي انجام ڏيندا آهن.
🔸 ڪي وري اهڙا ماڻهو آهن جيڪي مستحب ڪم ته انجام ڏين ٿا پر واجب ڪم کي ڇڏي ڏيندا آهن.
🔸 اهڙي عمل جو ڪو فائدو ڪونهي، نه ان کي تقوا چئبو ۽ نه ئي ان کي ورع سڏيو ويندو.

🔺 *تـــــــقــــــــوي ۽ ورع*

🔆 *تــــقـــوا* جو مادو وقايه مان ورتل جنهن جي معني حفاظت ۽ ممانعت آهي.
اصطلاح ۾ يعني نفس کي ڪنٽرول ڪرڻ، واجبات کي انجام ڏيڻ ۽ محرّمات کان روڪڻ.

*ورع* جو رتبو تقوا کان مٿانهون آهي، واجبات کي انجام ڏيڻ سان گڏوگڏ محرمات ۽ مڪروهات بلڪه ڪجهه مباحات کان پڻ پرهيز ڪرڻ آهي، اهڙي ريت اها رعايت صرف ماڻهن جي آڏو نه هجي بلڪه اڪيلائي ۾ پڻ پنهنجي نفس کي مڪروهات ۽ محرّمات کان بچائي رکڻ کي ورع سڏبو آهي.

🌐 www.Qsindh.com
🔹عَنْ أَبِي عَبْدِ اللَّهِ علیه‌السلام قَالَ: قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صلی‌الله‌علیه‌وآله: ‏الْإِسْلَامُ عُرْيَانٌ فَلِبَاسُهُ الْحَيَاءُ وَ زِينَتُهُ الْوَفَاءُ وَ مُرُوءَتُهُ الْعَمَلُ الصَّالِحُ وَ عِمَادُهُ الْوَرَعُ وَ لِكُلِّ شَيْ‏ءٍ أَسَاسٌ وَ أَسَاسُ الْإِسْلَامِ حُبُّنَا أَهْلَ الْبَيْتِ.

🌷امام صادق علیه‌ السلام رسول اڪرم ص کان نقل ڪندين فرمايو: اسلام جو لباس حياء آهي ۽ ان جو زيور وفا آهي ۽ ان جي مردانگي عمل صالح آهي ۽ ان جو ستون پرهيزگاري آهي، ۽ هر هڪ شيءَ جي لاءِ هڪ بنياد ۽ اساس هوندو آهي اسلام جو بنياد اسان اهلبيت سان محبت ۽ مودت آهي.

📚 (وسائل الشیعه، ج۱۵، ص۱۸۴)

🌐 www.Qsindh.com
This media is not supported in your browser
VIEW IN TELEGRAM
This media is not supported in your browser
VIEW IN TELEGRAM
This media is not supported in your browser
VIEW IN TELEGRAM
Channel photo updated
سوال :
مان مرڻ کان ڏاڍو ڊڄندو آهيان ايتري قدر جو ڊپ کان راتين جون ننڊون به حرام ٿي ويون آهن آڌي رات جو ننڊ مان جاڳي ٿو پوان. پوءِ دير تائين ننڊ نه ايندي آهي. سڄو ڏينهن به پريشاني جي حالت ۾ گذرندو آهي زندگي کان مزو نٿو وٺي سگھان مهرباني ڪري ڪا راهه حل ٻڌايو؟

🌺جواب:
عام طور تي ڪيترائي ماڻهو موت کان ڊنل ۽ خوفزده آهن ان ڊپ جو ڪارڻ انهن ٻن شين کان ڪنهن به هڪ جي ڪري هوندو آهي:
1. ڪيترائي ماڻهو موت جي معني فنا ۽ نابودي سمجهندا آهن. اها قطعي ڳالهه آهي ته جيڪو انسان موت جي اھڙي تفسير ڪندو ته حتماََ ان شيء کان پاسو ڪندو. ايتري تائين جو پنهنجي زندگي جا شيرين حالات به زهر ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو آهي ۽ سدائين ڳڻتي ۾ رهندو آهي.

2. ٻيا اهي ماڻهو آهن جيڪي زندگيءَ کي نابودي ته ناهن سمجهندا پر پنهنجي ناپسند اعمالن ۽ ڪنڌيءَ ڪرتوتن جي ڪري موت کان ڊڄندا آهن ڇو ته موت کي پنهنجي اعمالن جي نتيجن جو آغاز ٿيندين ڏسندا آهن.
ان ڪري الله جي حساب کان فراريت ۽ پنهنجي اعمال جي عذاب کان پاسو ڪرڻ لاءِ چاهين ٿا ته موت جيترو ٿي سگهي دير اچي. [1]
جيڪڏهن انسان آخري جهان تي ايمان رکندڙ هجي ۽ خراب ڪم ۽ گناهن کان دوري ڪري ديني وظيفن کي چڱي ريت انجام ڏئي جيڪڏهن ڪنهن گناهه جو مرتڪب ٿيو آهي ته توبہ ڪري پنهنجي روح کي پاڪ ڪري ته جيئن موت کان نه ڊجي.
هڪ شخص *پاڻ سڳورن (ص)* وٽ آيو ۽ عرض ڪيائين ته: *يا رسول الله* مان موت کان ڏاڍو خوفزده آهيان. *پاڻ سڳورن ص* ان شخص کي فرمايو: ڇا تون دولتمند آهين؟ چيائين: جي ها، پاڻ سڳورن ص فرمايو: ان مان ڪجهه پاڻ کان پهرين اتي موڪليو اٿئي چيائين: نه، پاڻ سڳورن ص فرمايو: ان جي ڪري ئي موت کي پسند نٿو ڪرين. (يعني تنهنجو اعمال نامو نيڪين کان خالي آهي) [2]
ڪنهن ابوذر کان پڇيو: اسان موت کان ڇو نفرت ڪندا آهيون؟
جواب ڏنائين: ان لاءِ ته دنيا کي آباد ڪيو اٿوَ، ۽ پنهنجي آخرت کي ويران. اها ڳالهه ظاهر آهي ته توهان نٿا چاهيو ته هڪ آباد جاءِ مان ويران جاءِ تي منتقل ٿيو [3]

موت کان خوفزدہ نه ٿيڻ جو راهه حل اهو آهي ته انسان ان عقيدي تي قائم رهي ته: موت کانپوءِ هڪ وسيع جهان آهي موت کانپوءِ زندگي هرگز ختم نه ٿيندي. ان سان گڏوگڏ پنهنجي شرعي وظيفن تي به عمل ڪري ۽ الله جي رحمت مان نا اميد نه ٿئي. پالڻهار کي پنهنجي ماءُ کان به وڌيڪ مهربان سمجهي.

ان ڳالهه ٿي پڻ ڌيان رهي ته اسان کي هر حال ۾ ان جي طرف موٽي وڃڻو آهي.
بيشڪ هو پنهنجي مخلوق کي پسند ڪندو آهي.
ان صورت ۾ نه صرف موت جو ڊپ لهندو بلڪه ان سان گڏوگڏ محبت ۽ عشق الهي پڻ پيدا ٿيندو.
*امیرالمومنین علي (ع)* فرمايو: «خدا جو قسم! ابوطالب جي پٽ کي موت سان ايترو ته پيار آهي جيترو ٻار کي پنهنجي ماءُ جي ٿڃ سان به نه هوندو»

*امام حسین (ع)* ڪربلا جي ميدان ۾جڏهن جنگ ۾ شدت هئي امام پنهنجي اصحاب کي موت جي حقيقت بيان ڪندين، فرمايائون: « اي عظيم انسان جا فرزندوَ صبر ڪريو، موت فقط هڪ پُل آهي جيڪا توهان کي ڏکن ۽ سورن کان بهشت جي وسيع باغن ۽ نعمتن ڏانهن منتقل ڪندڙ آهي توهان مان ڪير آهي جيڪو ان ڳالهه تي راضي نه هجي ته کين زندان مان ڪڍي محلن ۾ منتقل ڪيو وڃي؟ پر توهان جي دشمنن کي موت کان پوءِ هميشه لاءِ عذاب آهي.
امام وڌيڪ فرماين ٿا ته: *رسول الله ص* جن فرمايو آهي ته: هي دنيا مومن لاءِ جهنم ۽ ڪافر لاءِ بهشت آهي. موت مومنن لاءِ هڪ پُل آهي جيڪا جنت جي باغ ڏانهن وٺي ويندڙ آھي ۽ ڪافرن کي جهنم ڏانهن وٺي ويندي. 4
ڳالهه جو ڳر اهو ته مومن الله جي رحمت کان نا اميد نه ٿئي، خدا جي اڻ کٽ رحمت ڏانهن متوجه رهي ۽ پنهنجي شرعي وظيفن کان غافل نہ رهي ۽ حرام ڪمن کان پاسو ڪري ان سان گڏوگڏ الله جي راهه تي هلندين توبہ ڪري ته جئين هو موت کان به نه ڊڄي پر ان جو مشتاق ٿي وڃي، ڇوته هو *رسول اللہ ص* ۽ *ائمہ اطهار ع* سان همنشين ٿيو آهي انهن نعمتن کان جيڪي نعمتون ان جي ذهن ۾ نه هونديون انهن مان بهره مند ٿيندو.
جيڪي ماڻهو موت کي حيات ابدي سمجهندا آهن ۽ موت کي زندگيءَ جو هڪ نئون سفر سمجهندا آهن. ته انهن جو اهو ئي عقيدو هوندو آهي ته الله جي رحمت ۽ مغفرت بي پناه آهي جن مان اهي استفادو ضرور حاصل ڪندا، اهي موت کان ڊنل ناهن هوندا چاهي انهن جا گناهه وڏا هجن يا ننڍا جيڪي الله جي رحمت جي مقابلي ۾ ڪجهه به نه آهن پوءِ توبہ جي تاثير سان پنهنجي گناهن کي ڌوئي ڪري انهيءَ اميد تي زندگي گذاريندا آهن، ڇوته توبہ ڪندڙ اللہ جو *«محبوب»* آهي.
قرآن ڪريم فرمائي ٿو ته :

*«انّ الله یحب التوابین»* 5

📚[1]. تفسیر نمونه، ج1، ص 258.
[2]. ساڳيو، ج 24، ص 123.
[3]. نهج البلاغه، خطبه 5.
[4]. ساڳيو، ص 263.
[5]. بقره، آیت 222.

سنڌيڪار : مجاھد حسین مخلصي