Noorulquran Foundation
31 subscribers
144 photos
8 videos
3 files
126 links
*نورالقرآن فائونڈیشن اسلامی اور ثقافتی ادارہ*
جس میں بھت ساری معلومات اور خبرین تجزیہ حالات حاضرہ اور بھت کچھہ پلیز جوائن
@noorulquran
Download Telegram
Forwarded from انجمن گفتگوی دینی
🔶 اعمال روز عید غدیر خم

@askdin_com
🍃 امام صادق علیه السلام:

🌱انه الیوم الذى اقام رسول الله (ص) علیا (ع) للناس علما و ابان فیه فضله و وصیه فصام شکرا لله عزوجل ذلک الیوم و انه لیوم صیام و اطعام و صلة الاخوان و فیه مرضاة الرحمن ، و مرغمة الشیطان .

🍀 *عيد غدير، هڪ اهڙو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن تي رسول خدا (ص)، علي (عليه السلام) کي علمدار جي عنوان سان ماڻهن آڏو بلند ڪيائين ۽ ان جي فضيلت کي انهي ڏينهن ظاهر ڪيائين ۽ پنهنجي جانشين جو تعارف ڪرايائين، پوءِ الله تعالي جو شڪر ادا ڪندين ان ڏينهن روزو رکيائين، اهو ڏينهن عبادت ۽ روزي رکڻ ۽ مومن کي کاڌو کارائڻ ۽ مومن سان ملاقات جو ڏينهن آهي، اهو ڏينهن الله تعالي جي خشنودي حاصل ڪرڻ ۽ شيطان جي نڪ تي مٽي ملڻ جو ڏينهن آهي.*


📗وسائل الشیعه 7: 328، ضمن حدیث .12



@Noorulquran
💠ڀائپي (اخوت) جو عقد ڪئين پڙهيو ويندو آهي؟

❤️ڀائپي جي عقد ۾ لازم ناهي ته ڪو خاص صيغو پڙهيو وڃي اهڙي ريت اهو به لازمي ناهي ته حتماََ عيد غدير جي ڏينهن پڙهيو وڃي بلڪه ڪنهن به ڏينهن ٻه مسلمان واجب ڪمن کي انجام ڏيڻ ۽ حرام ڪم کان ترڪ ڪرڻ ۾ هڪٻئي جي مدد ڪن ۽ اها نيت ڪن ته هڪٻئي جي ان ڪم ۾ مدد ڪندا رهنداسين، اهو ئي ڪافي آهي.
۽ ان توافق کي ڀائپي وانگر سمجهن.
عقد اخوت ۾ ڪنهن مڪان ۽ موقعي جي شرط ڪونهي، پر بهتر اهو آهي ته ان عقد کي غدير جي ڏينهن هڪ خاص صيغه سان پڙهيو وڃي.

پنهنجي هٿ کي دوست جي ساڄي هٿ مٿان رکي ۽ چوي:

« وَاخَيْتُكَ فِي اللَّهِ وَ صَافَيْتُكَ فِي اللَّهِ وَ صَافَحْتُكَ فِي اللَّهِ وَ عَاهَدْتُ اللَّهَ وَ مَلَائِكَتَهُ وَ كُتُبَهُ وَ رُسُلَهُ وَ أَنْبِيَاءَهُ وَ الْأَئِمَّةَ الْمَعْصُومِينَ (ع) عَلَى أَنِّي إِنْ كُنْتُ مِنْ أَهْلِ الْجَنَّةِ وَ الشَّفَاعَةِ وَ أُذِنَ لِي بِأَنْ أَدْخُلَ الْجَنَّةَ لَا أَدْخُلُهَا إِلَّا وَ أَنْتَ مَعِي؛
پوءَ مومن ڀاءَ چوي: *قبلت*
ان مهل چئو: أَسْقَطْتُ عَنْكَ جَمِيعَ حُقُوقِ الْأُخُوَّةِ مَا خَلَا الشَّفَاعَةَ وَ الدُّعَاءَ وَ الزِّيَارَة

پيشڪش: نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

http://T.me/noorulquran
*سوال* : قرآن جي نازل ٿيڻ جو هدف مقصد ڇا آهي؟

🌷 *جواب:* قرآن جون مختلف آيتون واضح ٻڌاين ٿيون ته: هي عظيم آسماني ڪتاب فقط تلاوت لاءِ نازل ناهي ٿيو.
بلڪه ان جو هدف ”ذڪر“، ”تدبر“، “انذاز“ انسانن کي ظلمات مان ڪڍي نور ڏانهن وٺي وڃڻ“ آهي.

سورت انبياء جي 50 نمبر آيت ۾ پڙهون ٿا ته:
«وَ هذا ذِکْرٌ مُبارَکٌ اَنْزَلْناه»؛
(۽ هي قرآن هڪ ذڪر مبارڪ آهي جيڪو اوهان تي نازل ڪيوسين).

سورت ص جي آيت 29 ۾ پڙهون ٿا ته:
«کِتابٌ اَنْزَلْناهُ اِلَیْکَ مُبارَکٌ لِیَدَّبَّرُوا آیاتِه»؛ (هي با برڪت ڪتاب آهي جيڪو اوهان تي نازل ڪيو آهي ته جئين ان جي آيتن تي تدبر ڪن).

سورت انعام جي 19 آيت ۾ آيل آهي:
«و اُوحِیَ اِلَیَّ هذَا الْقُرْآنُ لِاُنْذِرَکُمْ بِهِ وَ مَنْ بَلَغَ»؛ (۽ هي قرآن مون تي وحي ٿيو آهي، ته جئين اوهان کي ۽ جن تائين هي قرآن پهچندو انهن کي نصيحت ڪريان).

۽ سورت ابراهيم جي پهرين آيت ۾ فرمان آهي:
«کتابٌ اَنْزَلْناهُ اِلَیْکَ لِتُخْرِجَ النّاسَ مِنَ الظُّلُماتِ اِلَى النُّور»؛
(قرآن) هڪ اهڙو ڪتاب آهي جيڪو توهان تي نازل ڪيوسين ته جئين ماڻهن کي اونداهي (شرڪ) مان ڪڍي روشني (ايمان) ڏي وٺي وڃي.

۽ سرانجام سورت اسراء جي 82 آيت ۾ آيو آهي ته:
«وَ نُنَزِّلُ مِنَ الْقُرْآنِ ما هُوَ شِفاءٌ وَ رَحْمَهٌ لِلْمُوْمِنِینَ»
(۽ قرآن ۾ جيڪا شفا ۽ رحمت آهي اها مومنن لاءِ نازل ٿا ڪريون).

اهڙي ريت مسلمانن کي گهرجي ته پنهنجي زندگي جي متن ۾ قرآن کي پنهنجي لاءِ اسوه ۽ نمونو قرار ڏين. انهن جي حڪمن کي زندگي جي زري زري ۾ اجرا ڪن، پنهنجي زندگي جي هر پهلوئن سان هماهنگ ڪن.
پر افسوس! ڪن مسلمانن جو قرآن سان برتاو اهڙو آهي جيڪي فقط مخارج حروف ۽ سهڻي آواز کي اهميت ڏيندا آهن سڀ کان وڌيڪ بدبختي جي اها ڳالهه آهي جو قرآن کي زندگي جي جوڙجڪ مان ڪڍي، فقط اکرن تي قناعت ڪئي اٿن.
پر اهو نه وسارڻ نه گهرجي ته قرآن کان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ پهرين خود سازي جي ضرورت آهي.
جيتوڻيڪ خود قرآن به خودسازي ۾ مدد ڪري ٿو. ڇوته جيڪڏهن دلين کي تالا لڳل هجن، اهي تالا هوا ۽ هوس تڪبر ۽ غرور ضد ۽ تعصب جا تالا آهن جيڪي نور حق کي داخل ٿيڻ نٿا ڏين.

جيڪي آيتون ذڪر ڪيوسين اهي پڻ ان ڳالهه ڏانهن اشارو ٿيون ڪن. ان بابت امير المومنين علي عليه السلام نهج البلاغه جي خطبي ۾ ڪيڏو نه سهڻو فرمان آهي:

«اَمَّا اللَّیْلَ فَصَافُّونَ اَقْدَامَهُمْ تَالِینَ لِاَجْزَاءِ الْقُرْآنِ یُرَتِّلُونَهَا تَرْتِیلًا یُحَزِّنُونَ بِهِ اَنْفُسَهُمْ وَ یَسْتَثِیرُونَ بِهِ دَوَاءَ دَایِهِمْ فَاِذَا مَرُّوا بِآیَه فِیهَا تَشْوِیقٌ رَکَنُوا اِلَیْهَا طَمَعاً وَ تَطَلَّعَتْ نُفُوسُهُمْ اِلَیْهَا شَوْقاً وَ ظَنُّوا اَنَّهَا نُصْبُ اَعْیُنِهِمْ وَ اِذَا مَرُّوا بِآیَه فِیهَا تَخْوِیفٌ اَصْغَوْا اِلَیْهَا مَسَامِعَ قُلُوبِهِمْ وَ ظَنُّوا اَنَّ زَفِیرَ جَهَنَّمَ وَ شَهِیقَهَا فِی اُصُولِ آذَانِهِمْ»؛

اُهي رات جو پير ڀري بيهي، ڪري قرآن کي شمار ڪندين ۽ تدبّر سان تلاوت ڪندا آهن ۽ پنهنجي جان کي ان لاءِ محزون ڪندا آهن. پنهنجي درد جي دوا ان کي سمجهندا آهن، جيڏي مهل انهن آيتن تي پهچندا آهن جن ۾ تشويق ٿيل هوندي آهي. انهن کي ڌيان سان پنهنجي آڏو آڻن ٿا ۽ انهن جي دل جون اکيون وڏي شوق سان ان خير کي ڏسن ٿيون ۽ انهن کي هميشه لاءِ پنهنجو نصب العين ٿيون ٺاهن، ۽ جڏهن به نصيحت ۽ خوف وارين آيتن تي پهچن ٿا ته پنهنجي دل جي ڪنن کي انهن جي ٻڌڻ لاءِ تيار ڪندا آهن اهو خيال ٿا ڪن ته جيڪي دوزخ جي باهه ۾ سڙي رهيا آهن انهن جون دانهون انهن جي ڪنن تي پڙاڏو ڪري رهيون آهن.

📚 حوالا:
(1). «نهج البلاغه»، خطبه 193
(2). تفسیر نمونه، آيت الله العظمي مڪارم شيرازي، ج 21، ص 486
🖊 مجاهد حسين
🆔 T.me/noorulquran
#نفس_جي_تربيت 1

💡انبیاء جي بعثت جو هدف💡

📌 قرآن ڪريم ۾ نبين، خاص ڪري پيغمبر اسلام (ص) جي مبعوث ٿيڻ جو هدف تعليم
۽ تربيت بيان ٿيل آهي. مثلاََ:


🍀الله تعالي انهن جي درميان هڪ رسول کي مبعوث ڪري جيڪو انهن جي سامهون توهان جي آيتن کي تلاوت ڪري. انهن کي ڪتاب ۽ حڪمت جي تعليم ڏيئي، ۽ انهن جي نفسن کي پاڪيزه بڻائي. بيشڪ تون عزت ۽ حڪمت وارو آهين. (سوره بقره: 129)

🌱 نفس جي تربيت يعني نفس کي براين کان آگاهه ڪرڻ. نفس مالهي جي تازي لڳايل ٻوٽي وانگر آهي. جڏهن هو ٻوٽي کي پوکي ٿو ته ڏينهن رات ان جي خدمت ڪندو آهي. انسان جي نفس به ان وانگر آهي. انسان کي گهرجي ته پنهنجي نفس کي براين کان پاڪ رکي. نفس کي براين کان پاڪ ڪرڻ کان پوءِ ٻئي مرحلي ۾، ان ڳالهه جو خيال رکي جيڪي شیون نفس جي سلامتي ۽ ان جي واڌ ويجهه جي لاءِ مفيد آهن انهن تي عمل ڪري.

آیت الله محمد تقي مصباح یزدي

✍️ مجاهد حسين
ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
T.me/noorulquran
*مباهلو*

سنڌيڪار: مجاهد حسين مخلصي

👈 «نجران» جو علائقو حجاز ۽ يمن جي سرحد تي واقع آهي، اسلام جي شروعاتي ڏهاڙن ۾ عربستان جو هي اڪيلو علائقو هو جنهن ۾ مسيحي رهندا هئا.
پاڻ سڳورن (صلي الله عليه واله وسلم) سڄي دنيا جي حڪومتن کي خط لکيا، هڪ خط اسقف نجران (ابو حارثه) ڏانهن پڻ لکيو.


جڏهن پيغمبر (ص) جا نمائيندا نجران ۾ داخل ٿيا، اسقف هڪ ڪاميٽي جوڙي، ته انهن کي ڪهڙو جواب ڏنو وڃي. «شرجيل» نالي هڪ شخص جيڪو پنهنجي ذهانت جي ڪري معروف هو، ان چيو تہ: اسان پنهنجي مذهبي اڳواڻن کان ٻڌو آهي ته، هڪ ڏينهن نسل اسحاق، اسماعيل جي اولاد ۾ منتقل ٿي ويندي ۽ اهو به ممڪن آهي ته محمّد جيڪو اولاد اسماعيل آهي اهو ئي پيغمبر موعود هجي.

📋 شورا ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته انهن جا 60 عالم سڳورا نبي ڪريم (صلي الله عليه وآله وسلم) سان وڃي ملاقات ڪندا. جڏهن اهو گروهه نبي ڪريم سان ملاقات ڪرڻ لاءِ ويو انهن کي ابريشم جو لباس پهريل هو، آڱرين ۾ سون جون منڊيون هيون ۽ ڳلي ۾ صليب پاتل هو اهي جڏهن مديني ۾ آيا ۽ مسجد ۾ داخل ٿيا ته نبي اڪرم (ص) انهن کي اهڙي حالت ۾ ڏسي ڏاڍو ڪاوڙيو.


انهن عثمان ۽ عبدالرحمان کان نبي ڪريم (ص) جي ناراضگي جو سبب پڇيو. جئين ته نجراين جو ٽولو انهن ٻنهي کي اڳ ۾ سڃاڻيندو هو، تنهن ڪري ئي انهن ڏانهن رجوع ڪيائون انهن ٻنهي چيو ته: توهان جي مشڪل جو حل علي بن ابي طالب (عليه السلام) وٽ ئي آهي. مولا علي (ع) انهن کي فرمايو: اوهان پنهنجي پاڻ کي نبي ڪريم جي آڏو سادي نموني سان پيش ٿيو. انهن علي عليه السلام جي فرمان مطابق عمل ڪيو ۽ پيغمبر خدا ص جي سامهون پيش ٿيا ته پاڻ سڳورن ص انهن جي سلام جو جواب به ڏنو ۽ انهن جي تحفن کي پڻ قبول ڪيو.

[منشور جاویدج 7، ص 96]

*پاڻ سڳورن (ص) جي نجران نمائيندن سان ملاقات*


🌷 حضور اڪرم(صلی الله علیه واله وسلم)
جڏهن نجران جي نمائيندن سان ملاقات ڪئي ته، اسلام جي حق تي هجڻ کي دليلن سان پيش ڪيو، پر نجران جي نمائيندن پاڻ سڳورن (ص) کي چيو اوهان جا دلائل اسان کي قانع نه ڪري سگهيا آهن، ان جو راهه حل اهو آهي ته هڪ مقرر وقت تي مباهلو ڪريون ۽ ڪوڙن تي لعنت ڪريون، ۽ خدا کان انهن جي هلاڪت کي طلب ڪريون ته ان مهل هي آيت نازل ٿي:
«جيڏي مهل به اوهان جي خبر (مسيحت) کي پئجي وڃي ان کانپوءِ به ڪجهه اوهان سان جنگ جي لاءِ اٿي بيهن ته انهن کي چئو: توهان پنهنجي اولاد کي وٺي اچو اسان پنهنجي اولاد کي، توهان پنهجين عورتن کي وٺي اچو اسان پنهنجين عورتن کي، توهان پنهنجي نفسن کي اسان پنهنجي نفسن کي وٺي اينداسين، پوءِ مباهلو ڪنداسين انهن مان جيڪو ڪوڙو نڪتو انهن تي الله جي لعنت وجهنداسين.
(آل عمران/ 61.)

آخرڪار نجرانين پاڻ ۾ اهو طئي ڪيو ته: جيڪڏهن محمّد پنهنجي سپاهين ۽ سربازن سان مباهلي لاءِ ايندو ته معلوم ٿي ويندو اهو پنهنجي دعوا تي ڪوڙو آهي. جيڪڏهن پنهنجي اولاد ۽ گهر وارن سان ايندو ته پوءِ محمّد سچو آهي،۽ پنهنجي ايمان تي ثابت قدم آهي ۽ ان کي ڪنهن به ڳالهه جو خوف نه آهي، نجران اڃا انهن ڳالهين ۾ ئي هئا ته اوچتو نبي جو نوراني چهرو نمودار ٿيو جيڪو امام حسن (عليه السلام) ۽ امام حسين (عليه السلام) کي هٿ ڏيو اچي پيو جنهن جي اڳيان علي (ع) ۽ پويان سيده فاطمه سلام الله عليها هئا.

نجران جا نمائينده اچرج ۾ پئجي ويا ۽ هڪ ٻئي ڏانهن نگاهه ڪرڻ لڳا ۽ تعجب سان ڏندن ۾ آنڱريون اچي وين ۽ چوڻ لڳا هن مرد کي پنهنجي عقيدي تي مضبوط اعتماد آهي جيڪڏهن ڪوڙو هجي ها ته آسماني بلا جي هيٺيان پنهنجن عزيزن کي نه وٺي اچي ها.
📚 [تفسیر نمونه ج2 ص 440)]

👈 اُسقف چيو: محمد (صلي الله عليه وآله وسلم) جو چهرو ايڏو ته نوراني آهي جيڪڏهن هو هٿ کڻي الله کان دعا گهري ته زمين جا وڏا جبل به ريزه ٿي ويندا، انهي نوراني چهره سان ۽ انهن با فضيلت ماڻهن سان مباهلو صحيح ڪونهي.


اها حالت ڏسي نجران جي نمائيندا مباهلي کان هٿ کڻي ويا ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيائون ته مباهلو ڪونه ڪنداسين پر هر سال ڪجهه پئسا، جزيه (سالانه آمدني) جي عنوان سان هرسال جمع ڪرائيندا ۽ انهي جي عيوض حڪومت اسلامي انهن جي جان ۽ مال جي دفاع ڪندي.


📃 صلح نامو

الله جي نالي سان شروع جيڪو بخشڻهار ۽ مهربان آهي، هي محمّد جو خط آهي نجرانين ۽ ڀرپاسي وارين قومن لاءِ، الله جي رسول محمد جو حڪم ۽ فيصلو اهو آهي ته اهي پنهنجي مال ۽ ملڪيت مان هر سال ٻه هزار لباس حڪومت اسلامي کي ڏيندا، هر لباس جي قيمت چاليهه درهم کان مٿي نه هوندي... انهن جي جان، مال، عزت آبرو الله ۽ ان جي رسول جي امان ۾ هوندي، ان شرط سان گڏ ته اڄ کان ئي هر قسم جي وياج کان پاسو ڪندا.

📚 [منشور جاوید، ج 7 ص 98]
🆔 T.me/noorulquran
نفس جي تربيت-2


📌انساني نفس جي ”مصيبت“ گناهه آهي ۽ ان جي زندگي جي واڌ ويجهه ۽ کاڌو، خوراڪ ”خدا جي ياد“ ۽ روحاني ڪمن ڏانهن توجه آهي.
پيغمبر (ص) جو ڊيڄارڻ ان شخص لاءِ فائديمند آهي، جنهن جو دل زنده آهي.
جئين قرآن مجيد ۾ آيو آهي ته: لِيُنْذِرَ مَنْ كانَ حَيًّا (سورت یس: 70) ترجمو " ته جئين ان جي وسيلي زنده ماڻهن کي عذاب الهي کان ڊيڄاري.

🔹ڊيڄارڻ انهن کي جيڪي زنده هجن، ان جو مقصد اهو ناهي ته جسماني طريقي سان زنده هجن بلڪه انهن جو روح زنده هجي.
نفس جي تربيت سان نفس جو جياپو ۽ اندرين پاڪيزگي ٿئي ٿي، تزڪيه نفس ايترو ته مهم آهي جو الله تعالي ان کي ذڪر ڪرڻ کان پهرين يارنهن قسمون کنيون آهن:


بِسْمِ اللّهِ الرَّحْمنِ الرَّحِيمِ. وَ الشَّمْسِ وَ ضُحاها. وَ الْقَمَرِ إِذا تَلاها. وَ النَّهارِ إِذا جَلاّها. وَ اللَّيْلِ إِذا يَغْشاها. وَ السَّماءِ وَ ما بَناها. وَ الْأَرْضِ وَ ما طَحاها. وَ نَفْس وَ ما سَوّاها. فَأَلْهَمَها فُجُورَها وَ تَقْواها. قَدْ أَفْلَحَ مَنْ زَكّاها؛(شمس، 1-9)

🔦سج ۽ ان جي روشني جي قسم، چنڊ جو قسم جڏهن هو ان جي پويان هلي، ۽ ڏينهن جو قسم جڏهن اهو روشني ڏيئي، ۽ رات جو قسم جڏهن ان کي ڍڪي ڇڏي، ۽ آسمان جو قسم ۽ جنهن ان کي خلق ڪيو آهي، ۽ زمين جو قسم جنهن ان کي ڦهلايو آهي، ۽ نفس جو قسم جنهن ان کي ٺاهيو، ۽ پوءِ برائي ۽ تقوا جي هدايت ڪئي آهي،

👈 بيشڪ اهو ڪامياب ٿي ويو جنهن نفس کي پاڪيزه ڪيو.

آیت الله محمدتقی مصباح یزدی
🆔 T.me/noorulquran
🍃⚜️🍃⚜️🍃⚜️
⚜️🍃⚜️
🍃
⚜️

🍀امام سجاد علیه السلام:

🔸سادَةُ النّاسِ فی الدُّنْیا الاَسْخِیاء، وَ سادَةُ الناسِ فی الاخِرَةِ الاتْقیاء.

🌸 *هن دنيا ۾ ماڻهن جا سيّد ۽ سردار، سخاوتمند انسان آهن، ۽ قيامت ۾ ماڻهن جا سيّد، پرهيزگار ٿيندا.*


📕بحارالا نوار: ج 78، ص 50، ح 77

#حدیث

@noorulquran
🍃
⚜️
🍃⚜️🍃
⚜️🍃⚜️🍃⚜️🍃
🔸نفس جي تربيت- 3🔸

🌼نفس جي تربيت لاءِ جسم جو تندرست هجڻ به ضروري آهي... 🌼

🔶 جسم روح جي سواري آهي. روح جيستائين هن دنيا ۾ آهي ان جي لاءِ ضروري آهي ته جسم جي مدد سان پنهنجي منزل کي حرڪت ڏيئي. اسان جو مقصد براين کان پري ٿيڻو آهي ته، ان لاءِ بدن جو طاقتور هجڻ به هڪ مقدمي طور شامل آهي، انهي ڪري بدن جو به خيال رکجي ته جئين اهو تندرست رهي.


🔶 جيڪڏهن سواري بيمار يا بيحال هوندي ته سوار کي منزل تائين پهچائي نه سگهندي. هتي روح سوار آهي ۽ جسم سواري. سوار جو منزل تائين پهچڻ جي لاءِ جسم جي صحت، سلامتي ۽ ان جو طاقتور هئڻ جو خيال رکيو وڃي.

🔶 جيڪڏهن اوهان گاڏي تي ويهي ڪنهن جڳهه ڏانهن وڃي رهيا هوندو ته ان جي صحت، سالم هجڻ ڏانهن پڻ ڌيان ڪبو، نه ته اڳتي هلي نه سگهندو. جيڪڏهن ان کي مرمت جي ضرورت هجي ته مرمت ڪرائجي، جيڪڏهن پيٽرول جي ضرورت هوندي ته پيٽرول وجهرائڻ کپي، جيڪڏهن ان جو ٽائر پنچر ٿي وڃي ته ان کي تبديل ڪجي، ڇوته جيڪڏهن اهي ڪم انجام نه ڏينداسين ته منزل تي پهچي نه سگهنداسين.!


آیت الله محمد تقي مصباح یزدي

ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
✍️ نورالقرآن فائونڊيشن
ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
T.me/noorulquran
fb.com/noorulquranfound
Forwarded from Noorulquran Foundation (مجاھد حسین) via @like
🌸امام حسین علیه السلام:

🍃ايَّاكَ وَ مَا تَعْتَذِرُ مِنْهُ ، فإنَّ المُؤْمِنَ لا يُسِي‏ءُ وَ لا يَعْتَذرُ ، وَ المُنَافِقُ كُلُ يَومٍ يُسِي‏ءُ وَ يَعْتَذِرُ

💐پرهيز ڪر اهڙن ڪمن مان جنهن ۾ معافي گهرڻي ٿي پوي، ڇوته مومن خراب ۽ معذرت خواهي وارا ڪم انجام ناهي ڏيندو، پر منافق سڄو ڏينهن اهڙا ئي ڪم ڪندو رهندوآهي.

📘بحار الانوار، ج 78، ص120

🆔 https://t.me/joinchat/AAAAADudDCEhm0r_JnvKQw
Forwarded from عبد
🌔ڪجهه اهڙيون صفتون جيڪي فقط امام حسين عليه السلام سان مخصوص آهن 🌔


🌗-هي اڪيلو امام آهي جيڪو ڇه مهينا ماءُ جي پيٽ ۾ رهيو.

🌗-هي اڪيلو امام آهي جنهن ڪنهن جي به ٿڃ نه پيتي ان جو کاڌو ۽ خوراڪ پاڻ سڳورن (ص) جي توسط سان ٿيندو رهيو آهي.

🌗- هي تنها امام آهي جنهن جي ولادت واري ڏينهن پيءُ ماءَ ۽ سندس نانو ان لاءِ روئيندا رهيا.

🌗-هي اڪيلو امام آهي جيڪو جنگ جي ميدان تي شهيد ٿيو.

🌗- هي اڪيلو امام آهي جنهن کي دعا توسل ۾(ایّها الشهید) جي عنوان سان ياد ڪيو ويو آهي جڏهن ته اسان جا سڀ امام شهيد ٿيا آهن.

🌗-هي اڪيلو امام آهي جنهن جي حياتي ۾ ٻه پٽ شهيد ٿيا (علي اکبر عليه السلام ۽ علي اصغر عليه السلام )

🌗 هي اڪيلو امام آهي جنهن جو چهلم (اربعين) ۽ زيارت اربعين آهي.

🌗 هي اڪيلو امام آهي جنهن جي قبر مطهر کي ڏهه ڀيرا ظالمن مٽايو تاڪه ان جا آثار باقي نه رهن!! پر اها اڃا تائين پنهنجي جاءِ تي موجود آهي.

🌗 هي اڪيلو امام آهي جنهن کي غسل ۽ ڪفن کان بغير دفنايو ويو.

🌗 هي اڪيلو امام آهي جنهن جي سر کي مبارڪ کي بدن مان جدا ڪيو ويو

🌗- هي اڪيلو امام آهي جنهن کي تشنه لب تيرن، تلوارن، نيزن ۽ پٿرن سان زخم ڏيئي شهيد ڪيو ويو.

🌗-هي اڪيلو امام آهي جنهن جي شهادت کانپوءِ ان جي اهل و عيال کي قيد ڪيو ويو.

🌗 هي اڪيلو امام آهي جنهن جو ماءَ پيءَ ۽ سندس نسل مان 9 ڄڻا معصوم آهن.

🌗-هي اڪيلو امام آهي جنهن جي ولادت ان مهيني ۾ آهي جنهن مهيني ۾ ڪنهن به معصوم جي شهادت ڪونهي ۽ جنهن ميهني ۾ شهادت اٿس ان مهيني ۾ڪنهن به معصوم جي ولادت ڪونهي.

🌗- هي اڪيلو امام آهي جنهن جي قبر جي مٽي کائڻ به ڪو عيب ڪونهي.

🌗- هي اڪيلو امام آهي جنهن تي امام زمان (عج) ڏينهن ۾ حداقل ٻه دفعا روئيندا آهن!

🌗-هي اهو امام آهي جنهن جي نجات جي ٻيڙي ٻين امامن کان وڌيڪ تيز ۽ وسيع آهي.

🌗- هي اڪيلو امام آهي جنهن جي نالي سان جنت ۾ هڪڙو دروازو موجود آهي.


اَلسَّلامُ عَلَیْکَ یااَباعَبْدِاللَّهِ وَعَلَى الاَْرْواحِ الَّتى حَلَّتْ بِفِناَّئِکَ عَلَیْکَ مِنّى سَلامُ اللَّهِ [اَبَداً] ما بَقیتُ وَبَقِىَ اللَّیْلُ وَالنَّهارُ وَلاجَعَلَهُ اللَّهُ آخِرَ الْعَهْدِ مِنّى لِزِیارَتِکُمْ اَلسَّلامُ عَلَى الْحُسَیْنِ وَ عَلى عَلِىِّ بْنِ الْحُسَیْنِ وَ عَلى اَوْلادِ الْحُسَیْنِ وَ عَلى اَصْحابِ الْحُسَیْنِ

💢💢اللهم عجل لولیک الفرج💢💢

مترجم: مجاھد حسین مخلصي

@Noorulquran

🆔: telgram.me/noorulquran
This media is not supported in your browser
VIEW IN TELEGRAM
Forwarded from Noorulquran Foundation (مجاھد حسین)
🍃حضرت رسول خدا صلي الله عليه و آله 🍃

⚫️⚫️⚫️⚫️⚫️⚫️⚫️


حُسَينٌ مِنّي وانَا مِن حُسَينٍ ،
أحَبَّ اللّهُ مَن احَبَّ حُسَينا .

⚫️⚫️⚫️⚫️⚫️⚫️⚫️

*حسين مون مان آهي ۽ آئون حسين مان آهيان الله ان سان محبت ڪري ٿو جيڪو حسين سان محبت ڪري ٿو*

⚫️⚫️⚫️⚫️⚫️⚫️⚫️


Hussain is from me
and Im from Hussain ;
Allah loves whom love Hussain.

⚫️⚫️⚫️⚫️⚫️⚫️⚫️

◾️سنن الترمذي : ج 5 ص 658 ح 3775 ، 📗
سنن ابن ماجة : ج 1 ص 51 ح 144 ، 📘
مسند ابن حنبل : ج 6 ص 178 ح 17572 ، 📕
الأدب المفرد : ص 116 ح 364 ، 📒
المستدرك علی الصحيحين : ج 3 ص 195 ح 4820 ، 📓
صحيح ابن حبّان : ج 15 ص 428 ح 6971 ، 📗
المعجم الكبير : ج 3 ص 33 ح 2589 ، 📔
المصنّف لابن أبي شيبة : ج 7 ص 515 ح 22 ، 📘
تهذيب الكمال : ج 10 ص 427 ، 📙
اُسدالغابة : ج 2 ص 26 ، 📕
تاريخ دمشق : ج 14 ص 149 ح 3461 ، 📗
أنساب الأشراف : ج 3 ص 359 ، 📔
كنزالعمّال : ج 12 ص 120 ح 34289 ؛ 📒
الإرشاد : ج 2 ص 127 ، 📙
كامل الزيارات : ص 116 ح 126 ، 📒
العمدة : ص 406 ح 839 ، 📗
إعلام الورى : ج 1 ص 425 ، 📘
بحارالأنوار : ج 43 ص 271 ح 35 .▪️

🌺🌿🌺
t.me/noorulquran